غلام حسين رنگريز

غلام حسين رنگريز

غلام حسين رنگريز

غلام حسين رنگريز: مشهور شاعر، اديب ۽ مترجم غلام حسين رنگريز ولد شفيع محمد کٽي، 18 اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڄائو. هن جا وڏا ڪپڙو رڱڻ جو ڪم ڪندا هئا، ان ڪري رنگريز سڏجن ٿا. غلام حسين شروعاتي پرائمري تعليم ميرپور بٺوري ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس )، بي ايڊ، ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪري ايل ايل بي جو امتحان سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ کانپوءِ 1963ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1967ع ۾ سيڪنڊري استاد ۽ 1985ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ميرپور بٺوري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن کي سماجي ۽ قومي شعور ڏيڻ جو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين. 1994ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ 1995ع کان باقاعدي وڪالت شروع ڪئي.غلام حسين رنگريز، لکڻ جي شروعات مئٽرڪ پڙهڻ دوران ڪئي. ميرپور بٺوري ۾ ’بزم ادب ‘۽ ’تحريڪ تعمير ادب‘ جون ادبي محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ حصو وٺندو رهندو هو. انهن ادارن سان سلهاڙجڻ جي ڪري سندس لکڻين ۾ پختگي، مقصديت، معنويت، رنگ ۽ رچاءُ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس وابستگي سنڌي ادبي سنگت سان ٿي، جنهنڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند ادب جو رنگ غالب هو. غلام حسين رنگريز جي علمي ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائيءَ جو وڏو هٿ رهيو ،جيڪو پنهنجي دور جو بهترين شاعر هو ۽ بزم ’صوفيا سنڌ ‘سان لاڳاپيل هو .غلام حسين رنگريز ادب جي سمورين صنفن ۾ لکيو، جن ۾ مضمون، تحقيق، ڪهاڻيون، ڪالم، تنقيد ۽ ترجما وغيره شامل آهن. سندس ڪالم ’جي چوان سچ‘ جي عنوان سان روزاني ’عوامي آواز‘ ۾ ڪافي عرصي تائين سلسليوار ڇپبا رهيا. غلام حسين رنگريز 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو، سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي ڪافي نمايان رهي. تنظيم ڪاري ۽ رابطا ڪاري بهتر رهي. ’سنگت‘ پبليڪيشن جاري ڪيائين. سنڌ کان ٻاهر ڪوئيٽا، واهه ڪينٽ، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي شاخن جا دورا ڪيائين، ڪيتريون ڪانفرنسون ۽ ڪامياب ادبي پروگرام ڪرايائين.
غلام حسين رنگريز جي شاعري سنڌ جي نالي وارن فنڪارن ڳائي آهي .سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
(1 )’سرمد ڇا ٿو سوچي؟ ‘(مضمون )،(2 )’وکر سو وهاءِ ‘(مضمون )،(3 )’غلام جا ٽهڪڙا ‘(الف ليلوي ناٽڪ جو انگريزيءَ تان ترجمو :1990ع )،(4 )’اکين اُڃ اپار ‘(شاعري :2005ع )۽( 5 )ورق ورق زندگي (ڊائريءَ جا ورق :2010ع ) رهيو روح رباب (آتم ڪٿا) خانه بدوش روح جي ڪٿا (آتم ڪٿا)، فنِ تحرير جي تاريخ (ترجمو) مقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تواريخ (سنڌ ۽ بلوچستان) ۽ جهروڪن مان جهاتيون (مضمون) شامل آهن.
غلام حسين رنگريـز جي سياسي ۽ فڪري وابستگي ،فڪر جي .ايم .سيد ۽ ترقي پسند تحريڪ سان رهي. رنگريز جي آدرشي شخصيتن ۾ جي .ايم .سيد ۽ محمد ابراهيم جويو رهيا آهن .کيس ٽن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو. 2 سيپٽمبر 2021ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وفات ڪئي.


لفظ غلام حسين رنگريزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.04.18  عيسوي

مشهور شاعر، اديب ۽ مترجم غلام حسين رنگريز ولد شفيع محمد کٽي، 18 اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڄائو.


2021.09.02  عيسوي

غلام حسين رنگريز 2 سيپٽمبر 2021ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شمسي
محمد حسين اعواڻ ڪروڙ پتي
صالح کهڙو
روشن گولاڻي ڊاڪٽر
حمـيـد سـنڌي
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
رزاق مهر
رياضت ٻرڙو
سنڌو پياسي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون